اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ٻوڏ جي تباهي کان ??تاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي ??ل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته آئُون تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستاني عوام سان گهري همدردي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهيان. اسلام آباد اچڻ تي پن??نجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته آئُون ٻوڏ متاثرين سان ??ڪجهتي جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ??هتو آهيان، پن??نجي دوري دوران ??وڏ کان ??تاثر علائقن جو دورو ۽ متاثرين سان ??لاقات ڪندس. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس دوري دوران ??زيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري سان ??ڻ ملاقات ڪندو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جو ٻوڏ متاثرين سان ??ڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ??هچڻ تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن استقبال ڪيو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان اچڻ جي موقعي تي پن??نجي ٽوئيت ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۾ برساتن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ??يندڙ تباهي کان ??تاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي ??ل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.