سرينگر- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض انتظاميه آزادي جي تحريڪ جي عظيم قائد سيد علي گيلاني جي پهرين ورسي تي اڄ ماڻهن کي سرينگر جي علائقي حيدر پوره ۾ سندس قبر تي فاتحه خواني کان روڪڻ لاءِ سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون ??هن?? ڪشمير ميڊيا سروس موجب وادي ڪشمير ۾ ڪيترن ئي جاين تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آه?? جتي ماڻهن جي تلاشي ورتي پئي وڃي، حيدر پوره ۾ به وڏ?? تعداد ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آه?? ته جيئن ماڻهن کي شهيد اڳواڻ جي قبر تي فاتحه خواني ڪرڻ کان روڪي سگهجي. ڪنهن کي به علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. والاريل علائقي ۾ سيد علي گيلاني جي ورسي جي تي اڄ جي هڙتال جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آه??، سيد علي گيلاني جي روح جي ايصال ثواب لاءِ وادي ڪشمير ۽ ڄمون خطي جي مختلف حصن ۾ دعائن جون ويهڪون ٿيون.