انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊالر کان ڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪيو وڃي، حڪومت هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. ترڪ?? جي يونين آف چيمبرز اينڊ ڪموڊٽي ايڪسچينجز (ٽي او بي بي) جي اهتمام هيٺ تقريب ۾ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو هُو پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي حصيداري وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي ڪاورباري برادري آئند?? ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪري، ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت هر ضروري قدم کڻندي. وزيراعظم جي آجيان ڪندي يونين آف چيمبرز جي صدر رفعت حسارسڪ ليوگلو ترڪ?? جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن پاران پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا ۽ مشڪل وقت ۾ ٻنهي قومن جو هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جي رورايتن کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي زبردست قيادت ۾ ترڪ جي غير معمولي ترقي کي ساراهيو، هن پاڪستان ۽ ترڪ?? جي لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن چيو ته سندس دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم ترڪ?? جي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ان سلسلي ۾ خاص طور تي پاڪستان ۾ ترڪ ڪمپنين کي درپيش مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن مان فائدو کڻندي واپار ۽ اقتصادي حصيداري وڌائڻ ل??ءِ وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته آئند?? ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊالر کان ڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪريو. هن ڪاروباري برادري کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. ان موقعي تي ترڪ ڪمپنين جي نمائندن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ پنهنجي منصوبن جو ذڪر ڪيو ۽ پاڪستان جي ڪاروباري وفد سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.