اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??وا?? چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون کان متاثر ماڻهن جي لاءِ رليف ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح ۽ ذميوار?? آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف آڊيننس عوام کي مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي کان بچائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي عزم جو واضح اظهار آهي، عوام جي مشڪلاتن مان فائدو کڻندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??وا?? چيو ته اهڙن عنصرن سان سختي س??ن منهن ڏنو ويندو، ذخيره اندوزي س??ن ناجائز منافعو ڪمائيندڙن کي آرڊيننس تحت سزا ڏني ويندي.