سيالڪوٽ – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کنڊ جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ذميوارن جي رپورٽ عام ڪري هڪ جهڙو قانون لاڳو ڪرڻ جو واعدو پورو ڪي?? آهي، وزيراعظم پنهنجي پارٽي کان خود احتسابي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو، فرانزڪ آڊٽ ذريعي سموريون حقيقتون عوام تائين پهچايون وينديون ۽ جيڪي ذميوار هوندا انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي، شريف گروپ جي حقيقت به هن رپورٽ ظاهر ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ تي تنقيد کان اڳ شهباز شريف کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، وزيراعظم پورهيتن جي لاءِ ا??بي?? رپين جو مثالي پئڪيج ڏنو، عالمي معاشي ب??ران جي ڪري پاڪستاني صنعتڪار به مشڪلاتن جو شڪار آهن، منافعي خوري ۽ مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙن تي ڪڙيءَ نظر رکي ويندي. هو سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.