اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي و??ري وفاقي و??ير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل ڏينهن هتي الواريز اينڊ مارسل جي ساورن مشاورتي خدمتن جي ايم ڊي رضا باقر سان ملاقات ڪئي. ناڻي و??ري و??ارت مان جاري ڪيل بيان م??اب?? اي اينڊ ايم عالمي پيشيوراڻي خدمتون فراهم ڪندڙ ناليواري ڪمپني آهي، پاڪستان حڪومت، پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ جي قيام کانپوءِ ان جي فعاليت لاءِ اي اينڊ ايم سان مشاورتي خدمتن جي فراهميءَ جو معاهدو ڪيو هو. ملاقات ۾ رضا باقر ۽ سندس ٽيم پنهنجي حڪمت عملي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها حڪمت عملي پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ ايڪٽ 2023ع تحت ڏنل ذميوارين م??اب?? ترتيب ڏني و??ي آهي. فنڊ جي قيام جو مقصد ملڪ جي مالي استحڪام کي بهتر بنائڻ ?? سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي هٿ?? ڏيڻ آهي. ناڻي و??ري و??ير اي اينڊ ايم جي خدمتن ۽ رضا باقر جي مهارت کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس مشاورت پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.