اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اين آر او ڏيڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ آسان رستو آهي پر اها تباهي آهي، حڪومت ناليج اڪانومي جي فروغ لاءِ ڀرپور تعاون ڪن??ي، اعليٰ تعليم ۽ تحقيق تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهيا آهيون، مقامي سطح تي ڪارڊيڪ ا??ٽنٽ جي تياري سان دل جي مريضن جي علاج تي ايندڙ خرچن ۾ گهٽتائي اين??ي، 70ع جي ڏهاڪي ۾ قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جي پاليسي صنعتي عمل کي متاثر ڪيو، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو اهم ثاثو آهن، ملڪ کي درپيش راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن نسٽ ۾ اين – اويٽو هيلٿ ٽيڪنالاجي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته مقامي سطح تي ڪارڊيڪ ا??ٽنٽ جي تياري اهم اڳڀرائي آهي جنهن تي نسٽ انتظاميه کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ام??د آهي ته ٻيون يونيورسٽيون به ان مثال جي تقليد ڪنديون. ان قدم سان دل جي مريضن جي علاج تي ايندڙ خرچن ۾ گهٽتائي ايندي، ??ن چيو ته ترقي جي سفر ۾ منزل ۽ رخ جو تعين گهڻو ضروري آهي، ??اضي ۾ بدقسمتي سان اسان جي ادارن جي وچ ۾ رابطي جي کوٽ نظر آئي جنهن جي ڪري پوري نظام ۾ خرابي آهي، ??ن چيو ته قومون طئي ڪنديون آهن ته اسان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي، بدقسمتي سان اسان جي جو ويزن ڌنڌلو ٿي ويو هو.