اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اط??اعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني جي قيادت ۾ ڪشمير استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي خيابان سهروردي روڊ تي اط??اعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ذيلي ادارن جي گڏيل ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي شر??ت ڪندڙ مودي سرڪار جي ظلمن ۽ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جي عزم کي ورجايو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان خيابان سهروردي روڊ (زيرو پوائنٽ فلاءِ اوور) کان احتجاجي ريلي شروع ڪئي وئي جنهن جي قيادت اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اط??اعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني ڪئي. ريلي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي آڏو ختم ٿي جتي ريلي جي شر??ت ڪندڙن کي خطاب ڪندي اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان عالمي برادري کي اهو باور ڪرائڻ چاهين ٿا ته ڪشمير جي ماڻهن تي جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو طوفان برپا آهي هندوستان کي ان جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته هندوستان بدمست هاٿي وانگر خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ توازن کي غيرمستحڪم ڪري رهيو آهي. عالمي برادري کي ان جو نوٽيس وٺڻو پوندو. هن چيو ته اڄ اسان ڪشمير جي مظلوم، معصوم ماڻهن سان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان جي هن سري نگر ايڪسپريس وي جي منزل سرينگر آهي، اسان هن ايڪسپريس وي تان سرينگر پهچي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين جي مدد ڪندي انهن کي ڀارتي ڌاڍ کان آزاد ڪرائينداسين، انشاءَ الله جلد ڪشميري آزادي جو ساهه کڻندا. هن چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشميرين تي جاري ظلمن جي خلاف آواز کي بلند ڪرڻ آهي ڇو ته عالمي برادري ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلمن تي خاموش آهي، ان منافقاڻي رويي سان عالمي امن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جبري گمشدگيون، نوجوانن تي ظلم، پيلٽ گنز جو استعمال ۽ غيرقانوني فوجي گهيراءُ دنيا کي ڇو نظر نه اچي رهيو آهي، اڄ پاڪستاني 22 ڪروڙ عوام جو هڪ ئي موقف آهي ته ڀارت کي انهن سمورن ظلمن جو حساب ڏيڻو پوندو. ريلي ۾ اي پي پي جو ايم ڊي ??ار?? محمود خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر شاهيره شاهد، ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، ڊي جي آءِ پي سهيل علي خان، ڊي جي ڊيمپ سعيد جاويد، ڊي جي اي پي عمرانه وزير سميت اط??اعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي ادارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکند?? ماڻهن جي وڏي انگ شر??ت ڪئي.