اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جي باوجود کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بدران اضافي جي رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ??ڏهن ته هن ان خواهش جو پڻ اظهار ڪيو آهي ??ه وڏا وزير ۽ چيف سيڪريٽريز ان معاملي کي ذاتي طور تي ڏسن. وزيراعظم عمران خان پاران وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ۽ نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي کي چيو ويو آهي ??ه ان ڳالهه جو ڪو منطق نه آهي ??ه جڏهن تازو ئي ڪڻڪ جي واڍيءَ ٿي آهي، اهڙي صورت ۾ اٽي جون قيمتون ڪيئن وڌ?? ويون.