اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والا??يل ڪشمير ۾ مودي جو آر ايس ايس کان متاثر نظريو تمام واضح آهي، غيرقانوني الحاق سان ڪشميرين کي انهن جي حق کان مح??وم رکڻ، طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ غيرانساني سلوڪ ان جو مثال آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت ٽه رخي سوچ تي عمل ڪري ??هي آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي خلاف طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪيو پيو وڃي، عورتن ۽ ٻارن ??ي خلاف غيرانساني هٿيار پيلٽ گنز استعمال ڪئي پئي وڃي، ڀارت ڪشمير جو غيرانساني لاڪ ڊائون ڪري ??کيو آهي، ڪشميرين کي خوراڪ ۽ دوائن جهڙي بنيادي ضرورتن جي شين کان مح??وم رکيو آهي.