اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورت??ال کي منهن ڏيڻ ۽ غريب ماڻهن جي امداد لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، مخالف ڌر ان معاملي تي سياست نه ڪري، اهڙي بحث ۾ نه پوڻ گهرجي جنهن سان معاشرو ورهائجي وڃي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته معيشت جو ڏيوالپڻو ٿئي ۽ انهن کي اين آر او ملي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورت??ال تي بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ت?? انهن ڊاڪٽرن، نرسن، پيراميڊيڪل اسٽاف، سيڪيورٽي فورسز، فلاحي تنظيمن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي پنه??جي حياتي خطري ۾ وجهي ان وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي قربانين کي آئون پنه??جي ساٿين پاران سلام پيش ڪريان ٿو، انهن جي اهاقرباني سدائين هن ملڪ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکي ويندي، هن پوري وبا جو انٽرنيشنل تناظر آهي، اها ڪنهن مقامي علائقي جي نه آهي، اهو پاڪستان جو نه پوري دنيا جو مسئلو آهي.