اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ڪورونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ ضروري شين جي ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث عنصر?? کي خبردار ڪندي واضح انداز ۾ اعلان ڪيو آهي ته حڪومت اهڙي ڪنهن به قدم ??ي سخت ڪارروائي ڪندي، ڪنه?? کي موجوده صورتحال م??ن غيرقانوني فائدو کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، لاڪ ڊائون ۾ سڀ کان وڌيڪ فڪر معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي آهي، انتهائي نگهداشت جي مريضن لاءِ سهولتون دستياب آهن جڏهن ته متوقع حالت?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا وڃن، ڪورونا هڪ قومي مسئلو آهي ان ??والي سان ??مورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪيا ويا آهن، انه?? کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ڪورونا جي صورتحال ۽ حڪومت پاران کنيل قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم عمران ??ان چيو ته ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال بلڪل نئين آهي، ان ??ي لاءِ دنيا جي ڪا حڪومت به تيار نه هئي، اسان 13 مارچ کان قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 26 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.