بيجنگ – 17 مارچ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتڪاري جي ٻن قابل آفيسرن جي ??دمتن ۽ چين ۾ رهندڙ شاگردن جي همت ۽ انهن جي ??ضاڪاراڻي سرگرمين کي ساراهيندي چيو آهي ته چين ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگرد غازي آهن ڇو ته اهي ڪرونا جي وبا خلاف جنگ ۾ ڪاميابي سان همڪنار ٿيا آهن، صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چين جي ??وري جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ بيجنگ ۾ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو.