اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ چيو آ??ي ته مودي جو انتهاپسند ۽ تعصباڻو نظريو عمران خان جي امن جي سوچ کان شڪ??ت کائي چڪو آهي، صدر ٽرمپ جو ب??ان پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪڌي ڀارتي ڪوشش تي ڪا??ي ضرب آهي، مودي اسلحي جا انبار ۽ بارود جا ڍير خريد ڪري به عمران خان جي ڪامياب سفارتڪاري جي سامهون بي وس ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪشميرين تي ظلم عالمي ضمير جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، ٽرمپ جو اهو ب??ان ثبوت آ??ي ته ڪشمير هڪ مڃيل عالمي تڪرار آهي، خون ناحق تي پوري دنيا جو آواز بلند ڪرڻ خوش آئنده آهي.