اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته قومي ترقي جي عظيم جدوجهد ۾ اسان جي جوان پورهيتن جو ڪردار بنيادي اهميت ر??ند?? آهي، پاڪستان انهن سمورن سنهري اصولن تي عمل پيرا آهي جنهن ۾ مزدورن ج?? حقن جي فراهمي ۽ تحفظ رياست جو آئين فراهم ڪري ٿو. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنه??جي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پهرين مئي پورهيتن ج?? حقن جي تحفظ جي علامت طور ملهاي?? ويندو آهي، ان ڏينهن اهو وچن ورجاي?? ويندو آهي ته پورهيت قومي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنه??جي ذميداري پوري نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندو. محمد صادق سنجراڻي چيو ته رياست ۾ هر سطح تي پورهيت ج?? حقن جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي، پاڪستان ۾ جلد مزدور ڪلاس جو معيار بهتر ٿي ويندو ان لاءِ هڪ مستقبل لائحه عمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته هنرمند ۽ غير هنرمند مزدورن جي گهٽ کان گهٽ معاوضي ۾ اضافو ڪري پورهيتن جي معيار کي بهتر ڪري سگهجي ٿو.