فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آه?? ته پاڪستان جي جامع ترقي لاءِ 60ع جي ڏهاڪي جي صنعتي پاليسي تي عمل ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ صنعتڪارن جي مشاورت ??ان نئين پاليسي جوڙي ويندي. هو فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کانسواءِ اسيمبلي ميمبر ۽ صنعتڪار به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته 1960ع جي صنعتي پاليسين جي ڪري پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو جڏهن 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اسلامي سوشلزم جي نالي تي صنعتن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان لاءِ اهو جواز پيش ڪيو ته پاڪستان جي سموري دولت 22 خاندانن تائين محدود آهي، هن چيو ته اسان کي نيشنلائيزيشن جي پاليسي بدران اضافي سرمايو غريب ماڻهن تي خرچ ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ گ??ربي هئي. هن چيو ته هاڻي به صنعتي فروغ جي ضرورت ??ه?? ته جيئن سيڙپڪار پنهنجي دولت وڌائڻ سان گڏوگڏ اضافي سرمايو ماڻهن جي غربت جي خاتمي تي به خرچ ڪن، هن چين جو مثال ڏنو ۽ چيو ته چين ان طريقيڪار تحت صنعتڪارن جي ۽ پوءِ انهن جي سرمائيڪارن دولت وڌائي ۽ پوءِ 70 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، هن چيو ته ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا نه ڪرڻ گ??رج?? ته وڌيڪ پئسو ڪمائڻ کي ڏوهه سمجهيو وڃي، هن چيو ته سيڙپڪارن کي جائز طريقي سان منافع ڪمائڻ گ??رجي ۽ حڪومت کي ان سلسلي ۾ ضروري سهولتون مهيا ڪرڻ گ??رجن،