اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت جو مديني جي ري??ست جو تصور علامه اقبال جي مسلمانن جي نشاته ثانيه جي پيغام جي عين موجب آهي. ڪنهن کي ان معاملي تي طنز نه ڪرڻ گهرجي، دنيا جا ڪجهه ملڪ نشاته ثانيه جي معاملي تي پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته عمران خان جهڙو اڳواڻ ان معاملي تي پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي، ع??امه اقبال هندستان ۾ اقل??تن خاص طور تي مسلمانن جي استحصال جي جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اها اڄ سچ ثابت ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي جي حوالي سان ايمبيسڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.