اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ذاتي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نه نڪرندي، ادارن تي ڳالهائي پاڪستان ک?? تمام وڏو نقصان پهچائڻ جي راند کيڏي پئي وڃي، دشمنن جي زبان استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پوري طرح ادارن سان گڏ بيٺل آه??ون ۽ ڪا به اهڙي ڳالهه بر??اشت نه ڪئي ويندي جيڪا ملڪ ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي هن ملڪ جي لاءِ بيٺا آهن انهن کي نقصان پهچائي سگهي، ڪالهه انهن جو پهر??ون شو ئي فلاپ ثابت ٿيو، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي هڪ مهيني جي تيارين جو انجام فلاپ شو جي شڪل ۾ نڪتو. ڪنوينشن سينٽر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گوجرانوالا جيڪو نواز شريف جو سسرال ۽ مريم نواز جو ناناڻو آهي، ان مخالف ڌر جي جل??ي جي حوالي سان جنهن سردمهري جو مظاهرو ڪيو آهي ان مان مخالف ڌر کي سمجهڻ گهرجي ته ذاتي ايجنڊا جي تحفظ جي لاءِ ڪير ٻاهر نه نڪرندو.